ٽيلي مواصلات

ٽيلي مواصلات: اوائل کان وٺي انهيءَ ڳالهه جي ضرورت پوندي رهي آهي ته ڪهڙيءَ طرح پري کان پري مفاصلي تائين ٿوري وقت ۾ پيغام پهچائجي . اوڻيهين صديءَ کان اسان کي برقي مقناطيس جي طبعي اصولن جي ڄاڻ ملي ٿي . انهيءَ اصول مطابق روشنيءَ ۽ ريڊيائي لهرون ساڳيءَ نوعيت جون ٿين ٿيون ، جنهن ۾ برقي ۽ چقمقي ميدان هڪٻئي تي عمودي ٿين ٿا . انهن جي حرڪت جي رفتار به ساڳي آهي ؛ يعني 3x10m/s جي رفتار سان خلا مان اُهي لهرون حرڪت ڪن ٿيون . اِئين دنيا جي چوڌاري پيغام رسائڻ لاءِ انسان ريڊيائي لهرن جو راز سکي ورتو . ائين ريڊيائي لهرن وسيلي آواز ۽ تصويرن کي پيدا ڪري هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ ڏانهن موڪلڻ سان واسطو رکندڙ سائنس کي ٽيلي مواصلات ( Telecommunication ) چئبو آهي .


لفظ ٽيلي مواصلاتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو